اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊون 6 بومبر تي ڪرائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي، صدر چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکي تجويز ڏني آهي ته عام چونڊون 6 نومبر تي ڪرايون وڃن، صدر خط ۾ لکيو آهي ته آئين موجب اسيمبليون ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي آهن جنهن حوالي سان آئون قانون واري وزارت سان به لاڳيتو مشاورت ڪندو رهيس جنهن بعد ان نتيجي تي پهتو آهيان ته آئيني گهرج آهي ته عام چونڊون 6 نومبر 2023ع تي ڪرايون وڃن صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ هڪ ڏينهن ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن اعليٰ عدليا کان رهنمائي حاصل ڪري صدر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر کي چونڊن جي حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here