ڪولمبو (م ڊ) ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت سريلنڪا کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 49 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 213 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان روهيت شرما 53، ڪي ايل راهول 39، اشان ڪشن 33 ۽ اڪشر پٽيل 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سريلنڪا طرفان دُينيٿ  5 ۽  اسالانڪا 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته مهيش هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڀارت طرفان مليل 214 رنسن جو آسان حدف به سريلنڪن ٽيم حاصل نه ڪري سگهي ۽ 41 ڏهائي 3 اوورن ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي. سريلنڪا طرفان ڊُنيٿ 42،  ڊي سلوا 41 ۽ اسالانڪا 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان ڪلديپ يادو هڪ ڀيرو وري شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، ڀمرا ۽ جديجا 2-2، سراج ۽ پانڊيا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. چار وڪيٽون وٺڻ تي ڪلديپ يادو کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here