گھوٽڪي (رپورٽ عرفان سومرو) گھوٽڪي ڀرسان ٽرالر ڊرائيور کان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بي سيڪشن ٿاڻي جي حد موٽر وي پوليس پڪٽ 130 ڳوٺ دوست محمد ڪلهوڙو وٽ ھٿياربندن ٽرالر ڊرائيور کان ڦر جي ڪوشش ڪئي. ڊرائيورن جي رڙين تي ڳوٺاڻا پهتا ته هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ باقر ڪلهوڙو مارجي ويو ۽ ٽي ڄڻا در محمد، شاھجان ۽ عمران ڪلھوڙو ٿي پيا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آحي ته سي پيڪ تي رڙيون ٻڌيون ۽ مدد لاءِ وياسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ڳوٺاڻن موجب، پورو هڪ ڪلاڪ فائرنگ هلندي رهي بي سيڪشن ٿاڻو ويجهو هجڻ باوجود پوليس مدد لاءِ نه پهتي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here