ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي ناليواري عالمِ دين کي قتل ڪري ڇڏيو. شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوهر بلاڪ 16 ۾ اڻڄاتل هٿياربندن موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري جامعه ابوبڪر اسلاميه جي استاد مولانا ضياءَ الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، مولانا ضياءَ الرحمان گلستان جوهر ۾ ايف بي آر بلڊنگ سامهوب پارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو جتي مٿس فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هن موقعي تي دم ڏئي ڇڏيو، مولانا کان موبائل فون يا روڪ رقم ڦر ناهي ٿي. ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان 11 خون مليا آهن جن ۾ چار نائن ايم ايم ۽ سـَتَ ٽيهه بور پسٽل جا آهن، علائقي ۾ موجود سي سي ٽي ڪيمرائن جي نشاندهي ڪئي آهي جنهن۾ ٽارگيٽ ڪلرز جي سڃاڻپ ممڪن ٿي ويندي. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي واقعي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي اوڀر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪراچي پوليس چيف جي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، سي ٽي ڊي واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون آهن جنهن ۾ ڀارتي ايجنسي را جي ملوث هجڻ جون شاهديون مليون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here