ملتان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني طريقي سان گهرڀيڙو ڪيو، سليڪٽيڊ کي بي اعتمادي رٿ ذريعي گهرڀيڙو ڪيو ويو، مخالف عوام ۽ ادارن ۾ ويڇا وڌائڻ چاهن ٿا پر کين ناڪامي نصيب ٿيندي، عوام هڪ ڀيرو وري ووٽ ڏئي  پ پ کي ڪامياب ڪندو.  ملتان ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون هر صورت ۾ وقت تي ٿيڻ گهرجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪڏهن به چونڊن کان ناهن ڀڳا، اليڪشن ڪڏهن به ٿئي  هو هر وقت تيار آهن.  سندس چوڻ هو ته هنن ڪڏهن به ناهي چيو ته چونڊ نٿا چاهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت خلاف جمهوري هٿيار استعمال ڪيو ۽ سليڪٽيڊ کي گهر ڀيڙو ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته مخالف عوام ۽ ادارن ۾ ويڇا وڌائڻ چاهن ٿا پر کين ناڪامي نصيب ٿيندي، عوام هڪ ڀيرو وري ووٽ ڏئي  پ پ کي ڪامياب ڪندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here