اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ڏکي دور مان گذري رهيو آهي، کين قائد جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 75هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا، سندس قيادت کانسواءِ آزاد رياست جو خواب پورو نه ٿي سگهي ها. سندس چوڻ هو ته آئين قائداعظم جي 14 نقطن جي نمائندگي ڪري ٿو، ملڪ هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ۽ کين قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، قائداعظم جي بلند لاءِ دعا ڪندي چيو ته سڀني کي گڏجي ملڪ جي ترقي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here