راولپنڊي (م ڊ) چترال ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب چترال جي علائقي ارسون ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، 7دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 شديد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته علائقي ۾ امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي واسين سڪيورٽي فورسز جي آپريشن جي واکاڻ ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀرپور سهڪار جو اظهار ڪيو .