ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو چونڊون وقت تي ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته آصف زرداري تڪ بندين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. بلاول ۽ آصف زرداري عوام کي بيوقوف نه بنائين. بلاول ڀٽو زرداري ڪڏهن به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مقامي دهشتگردن سان ملي ڪم ڪري رهي آهي. انهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن مطالبو ڪيوته ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس  رد ڪيو وڃي. سڀني کان پهريان ڪي اليڪٽرڪ مافيا کي پڪڙڻ گهرجي. نيپرا جي ٻڌڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ظلم جي نشاندهي ڪنداسين. حافظ نعيم الرحمان چيو ته سرجاني ٽائون ۾ ڪنڊا مافيا خلاف آواز اٿارڻ تي چونڊيل ڪائونسلر کي شهيد ڪيو ويو. ٽائون چيئرمين کي هينئر تائين اختيار نه ڏنا ويا آهن. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا ڏوهه وڌي رهيا آهن. اسٽريٽ ڪرمنلز پاڻ هر مهيني پنهنجو رڪارڊ ٽوڙي رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here