ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير بريگيڊيئر(ر) حارث نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن به سياستدان جي خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. گهرو وزير حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به خلاف سياسي زيادتي نه پئي ڪئي وڃي ۽ نه ئي صوبي ۾ ڪنهن سياستدان جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ صرف نيب ۽ ڪرمنل ڪيسز هلي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪابه اسٽاپ لسٽ نه آهي جڏهن ته ڪنهن جي به گهر مان ڪابه رقم هٿ نه آئي آهي. نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به سياستدان جي گهر تي ڇاپا نه پيا هنيا وڃن، حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جون افواهون هلايون پيون وڃن. 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here