ڪنديارو (رپورٽ اي ڊي گھانگھرو) ڪنڊيارو ۾ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران صحافي جان محمد مھر ۽ فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. آغا وحيد گھانگھرو، رفيق احمد، پريل سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مک اسٽار چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي جنھن ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي اڳواڻ امداد ڪليري، ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ ذوالفقار ملاح، انيس سھتو سوڌو ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته پوليس هن وقت تائين شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي، صوبائي گھرو وزير جي ورتل مهلت به ختم ٿي وئي پر قاتل اڃان تائين قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگھيا آهن. هنن چيو ته پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي جو ڪيس خراب ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهي، مک جوابدار اسد شاهه کي بچائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. اڳواڻن چيو ته نينگري پريا ڪماري ۽ نوجوان فرحان اڄڻ سميت ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن. هنن چيو ته مغوي فرحان اڄڻ جي وارثن کان ڌاڙيلن پنجاهه لک ڀنگ گهري آهي، وٽن 50 هزار ڏيڻ جي طاقت ناهي 50 لک ڪٿان ڏيندا. بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر، جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي نظام سبب سنڌ بدامني جي ور چڙھيل آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته صحافي شھيد جان محمد مھر ۽ نينگري فاطمه ڦرڙو جي قاتلن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري ڦاھي ڏئي خونن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مغوي پريا ڪماري ۽ فرحان اڄڻ سميت ٻين مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .