نوري آباد (رپورٽر) نوري آباد ڀرسان مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. موٽر وي تي ٿاڻو بولا خان چوڪ وٽ ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مزدا ٽرالر سان پويان ٽڪرائجي ويئي. حادثي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا  24 ورھين جو  ارباز پٽ سيد حسين علي ۽ 23 ورھين جو معشوق علي  فوت ٿي ويا جڏهن ته مهتاب نالي نوجوان زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخميءَ کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين جا مڙهه پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here