ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ عوامي رابطا مهم اڄ کان شروع ڪري رهي آهي،بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو دورو ڪندو. پيپلزپارٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، بلاول ڀٽو زرداري اڄ ٺٽي کان بدين ويندو، پارٽي چيئرمين منجهند ٽئين وڳي مينڌرو هائوس بدين ۾ميڊيا ٽالڪ ڪندو. پڌرائي موجب، پ پ چيئرمين سڀاڻي بدين کان ٽنڊومحمد خان ۽حيدرآباد پهچندو جتي هو رات ترسڻ کانپوءِ ٽئين ڏينهن تي نوابشاهه ۽ سکر لاءِ روانو ٿيندو. پ پ جاري ڪيل پڌرائي موجب، چوٿين ڏينهن تي بلاول ڀٽو زرداري سکر کان ڪشمور رستي ذريعي ملتان پهچندو ۽ جنهن کانپوءِ لاهور روانو ٿيندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس جي جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.