گھوٽڪي (رپورٽ: عرفان سومرو) گهوٽڪي ڀرسان پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جي حملو دوران هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو . ڪچوٻنڊي ون ٿاڻي جي حد پوليس پڪٽ نمبر 111 (ٽٻي مائينر) تي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڀيٽور واسي نوجوان پوليس اهلڪار علي بخش پٽ محمد حارف پتافي شهيد ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 9 هٿياربندن منجهند جي وقت پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو، هڪ اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود 2 اهلڪار بچي ويا. اڳوڻي ايس ايس پي تنوير تنيو پاران قائم ڪيل نئين پوليس پڪٽن مان هر پڪٽ تي 8 اهلڪار مقرر ٿيل آهن پر ٽٻي مائينر پوليس پڪٽ تي 8 بدران رڳو 3 اهلڪار ويٺل هئا ۽ باقي 5 اهلڪار غيرحاضر هئا. شهيد اهلڪار جو مڙهه تعلقه اسپتال گهوٽڪي آندو ويو، جتي سندس مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب شهيد اهلڪار کي ڪنڌ ۾ ڪلاشنڪوف جي گولي لڳي، جيڪا کيس آر پار ٿي وئي ۽ اها ئي سندس موت جو سبب بڻي. ٻڌايو پيو وڃي ته شهيد اهلڪار 2001 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، کيس هڪ پٽ محمد حنيف جو اولاد آهي. واقعي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو پوليس اٽالن سان گڏ حملي جو شڪار پوليس پڪٽ ٽٻي مائينر تي پهتو. ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺڻ بعد واپس روانو ٿي ويو. شهيد اهلڪار جي پيءُ محمد حارف پتافي چيو ته ڌاڙيل بزدل آهن، جن پويان وار ڪري پٽ کي شهيد ڪيو، کيس پٽ جي شهادت تي فخر آهي. شهيد پوليس اهلڪار علي بخش پتافي جي جنازي نماز ميرپور ماٿيلو پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي. شهيد جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي منير کهڙو، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو جو چوڻ هو ته پهرين ترجيح ضلعي ۾ امن امان واري صورتحال برقرار رکڻ آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو چيو ته اهلڪار جمعي جي نماز پڙهڻ ويا ته پويان ڌاڙيلن حملو ڪري پوليس جي هڪ جوان کي شهيد ڪيو. هن چيو ته ڏوهارين جو پتو پئجي ويو آهي، جاگيراڻي ٽولي پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.