ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊيارو ۾ مغوي نوجوان فرحان اڄڻ جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ڳوٺ حامد اڄڻ واسي نوجوان فرحان عرف ڀليڏنو اڄڻ جي وارثن ڏيڍ ڪلو ميٽر پيادل ريلي ڪڍي شهر جي اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ڌرڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو، جي يو آءِ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته احتجاج ڪندڙن بدامني خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته نوجوان فرحان اڄڻ کي اغوا ٿئي 24 ڏينهن گذري ويا آهن پر هن مهل تائين پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪـَک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. مغوي نوجوان جي وارثن چيو ته ڌاڙيلن پاران ٽي ڀيرا فون ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، نوجوان ليمن جي باغ تي مزدوري ڪندو آهي، سندس معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان فرحان اڄڻ کي بازياب ڪرايو وڃي.