ملير (رپورٽ: ڪاشف پٺاڻ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو سوال اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندڙن کان پڇيو وڃي، پيپلزپارٽي 14 مئي تي به پنجاب ۾ چونڊن لاءِ تيار هئي، هاڻي به چئون ٿا ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪيو وڃي پ پ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جا فنڊز روڪڻ جي مذمت ڪيون ٿا ملير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چئون ٿا ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي بلاول چيو ته نيب جي ڪارروائين کان نه اڳ ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، فيڪ نيوز ذريعي پ پ اڳواڻن جي گرفتارين ۽ اي سي ايل ۾ نالا شامل ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، پ پ جي ڪنهن به اڳواڻ جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه ٿيو آهي بلاول پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو کڻڻ بنا چيو ته جيڪي ماڻهو جيل پيا ڪاٽين انهن لاءِ مشورو آهي ته گهٻرائڻو ناهي، جيل ۾ توهان جي سياسي تربيت ٿي رهي آهي، اڄ تائين سڀ کان وڌيڪ جيل ڪاٽيندڙ سياستدان آصف زرداري آهي پ پ چيئرمين بلاول اڳوڻي ايم اين اي شير محمد بلوچ جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت به ڪئي