رياض (م ڊ) عالمي مالياتي اداري آءِ اي ايف سعودي عرب کي تيز ترين ترقي ڪندڙ معشيت قرار ڏنو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جـِي ٽوئنٽي ملڪن ۾ سعودي عرب جي معيشيت کي سڀ کان تيز ترقي ڪندڙ معيشيت قرار ڏنو آهي. عرب ميڊيا موجب، عالمي اداري چيو ته سعودي عرب تيل جي علاوه پيداوار ۾ واضع ترقي ڪئي آهي. عرب ميڊيا موجب، آءِ ايم ايف ويزن 2030 جي هدفن ۽ مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ سعودي حڪومت جي قدمن کي مستحڪم قرار ڏنو. آءِ ايم ايف عورتن کي با اختيار بڻائڻ ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن جي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي سعودي ليبر مارڪيٽ کي بهتري قرار ڏنو آهي. ان کان علاوه آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ بيروزگاري جي شرح ۾ تاريخي گھٽتائي ٿي جڏهن ته سعودي ۾ 2023 دوران تيل کان علاوه معيشيت ۾ 4 ڏهائي 9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.