اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ سيڙپڪاري سميت بين معاملن تي تي اهن فيصلا ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ چئني صوبن جا نگران وڏا وزير، وفاقي وزير ۽ عسڪري عملدار شرڪت ڪندا. ذريعن موجب، ايس آءِ ايف سي اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ مختلف ملڪن طرفان سيڙپڪاري بابت غور ڪيو ويندو جڏهن ته عملدار واپارين  ۽ ٻين اسيٽڪ هولڊرز سان ٿيل ملاقاتن بابت بريفنگ ڏيندا. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سيڙپڪاري سميت اهم معاملن تي فيصلا پڻ ڪيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here