ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي ڪائونسلر کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. سرجاني ٽائون يونين ڪائونسل ست ۾ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن وارڊ پنج جي ڪائونسلر محمد حبيب تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته سندس هڪ ساٿي پڻ زخمي ٿي پيو. جوابدار ڪائونسلر کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا.قتل ٿي ويل ڪائونسلر محمد حبيب ۽ زخمي شخص کي بنا دير عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو .ذريعن موجب قتل ٿي ويل ڪائونسلر محمد حبيب جوابدارن کي غير قانوني طور بجلي جي تار لڳائڻ کان منع ڪيو هو جنهن تي جوابدارن کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.