راولپنڊي (م ڊ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن، سهولتڪارن ۽ حوصلا افزائي ڪندڙن کي رياست مڪمل طاقت سان منهن ڏيندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 259هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال، خاص طور تي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن عزم جو اظهار ڪيو ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ لاءِ پروپئگنڊا ڪندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو. شرڪت ڪندڙن چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي نگراني هيٺ جيڪي ملڪ ۾ معاشي سرگرميون جاري آهن، انهن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي، اهڙيون سموريون سرگرميون جيڪي معاشي استحڪام ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، انهن جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل مدد ڪئي ويندي.پڌرائيءَ موجب آرمي چيف آپريشنز دوران پيشيوراڻي مهارت جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ فوجين جو حوصلو برقرار رکڻ ۽ مسلسل ڌيان ڏيڻ تي ڪمانڊرز جي تعريف ڪئي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ حوصلا افزائي ڪندڙن کي رياست ڀرپور طاقت سان منهن ڏيندي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردن جي سهولتڪارن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here