راولپنڊي (م ڊ) چترال ۾ پاڪ افغان بارڊر تي دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز جي چوڪين تي حملي سبب 4 جوان شهيد ٿي ويا، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ ٻارهن دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چترال ۾ پاڪ افغان بارڊر تي دهشتگردن جديد هٿيارن سان ٻن فوجي چوڪين کي نشانو بڻايو. ترجمان چيو ته نورستان ۽ ڪنڙ ۾ دهشتگردن جي چرپر جو اطلاع مليو هو، سڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو. پاڪ فوج جي فائرنگ چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جا چار جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، سڪيورٽي فورسز جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ٿيون، چترال جو عوام سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي ۽ افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.