ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي ساگر ڪمار ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ٻن مغوين جي بازيابيءَ ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي خاطريءَ کانپوءِ ختم ڪيو ويو. پوليس ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ڌرڻي واري هنڌ پهچايو ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور مٺياڻي سول سوسائٽي ۽ بار ڪائونسل جي هنيل ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري مغوي ساگر ڪمار، عورت نازيا ۽ نينگري ڪوثر کوسو کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت ورتي ۽ اهڙي خاطري بعد انڊس هاءِ وي تي 18 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد سنڌ پنجاب جي ٽريفڪ بحال ٿي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته دراني مهر واري علائقي ۾ آپريشن ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو. ڊپٽي ڪمشنر منور مٺاڻي اڳواڻن سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي ايس ايس پي کي چئي باقي ٻين مغوين کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مغوي بازياب نه ڪرايا ويا ته پوءِ هو ٻيهر انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻندا. ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي واري واقعي جو ايس ايس پي امجد احمد شيخ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن سميت ٻين کي معطل ڪري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. پوليس ترجمان موجب ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ خلاف جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here