ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر ٻه ۾ ڦورن مزاحمت تي پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. زمان ٽائون پوليس موجب، ڪورنگي نمبر 2 ۾ پرنس بڪ اسٽال اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 70 ورهين جو محمد حسين ۽ 37 ورهين جو سندس پٽ اسد حسين سخت زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو. اکين ڏٺين شاهد فهد جو چوڻ هو ته 3 ڌاڙيل دڪان تي آيا، جن مان 2 اندر داخل ٿيا ۽ هڪ ٻاهر بيٺو رهيو، جڏهن هنن باڪس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري ڏني. ٻئي پاسي واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به منظرعام تي اچي ويا آهن جنهن ۾ ڦورن کي فائرنگ ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. واقعي کانپوءِ علائقي واسي احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here