ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي علائقي اغبرگ ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، ڳجهي اطلاع تي اغبرگ واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران دهشتگردن سان مقابلو ٿي پيو. ترجمان موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، مارجي ويلن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، دهشتگرد پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ۾ ملوث هئا. سي ٽي ڊي طرفان دهشتگردن جي ٿاڪ تان آپگهاتي جيڪٽ، 5 دستي بم ۽ ڌماڪيدار مادي سميت ٻيون شيون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي.