واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا چيو آهي ته افغانستان ۾ جنگي سازوسامان آمريڪا نه پر افغان سيڪيورٽي فورسز ڇڏيو هو. آمريڪي نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته آمريجا افغانستان ۾ ڪو به فوجي سازوسامان دهشتگردن لاءِ نه ڇڏيو، محدود انگ ۾ ڪجهه هٿيار ۽ ايئر ڪرافٽ ڪابل ۾ ڇڏيا هئا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن جنگي سازوسامان جي ڳالهه هلي رهي آهي اهو افغان سڪيورٽي فورسز لاءِ هو، هٿيار ۽ سازوسامان افغان سڪيورٽي فورسز ڇڏيو آمريڪا نه ڇڏي وئي هئي. جان ڪربي چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جهڙن خطرن سان منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي پيش ايندڙ سڪيورٽي خطرن تي گڏجي ڪم ڪيو ويندو، صدر جوبائيڊن پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته بائيڊن ڀارتي دوري ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳالهائيندو، ڪشمير سميت سمورن معاملن تي پاڪستان ۽ ڀارت پاڻ ڳالهيون ڪن.