اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ توانائي واري وزير محمد علي اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اطلاعات بابت نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته هر سال بجلي جي 589 ارب جي چوري ٿي رهي آهي. توانائي واري وزير محمد علي چيو ته 10 ڊسڪوز ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ملڪ ۾ هر سال چوري سبب 589 ارب جو نقصان ٿي رهيو آهي. 3 هزار 44 ارب مان آئيسڪو، ليسڪو، گيپڪو، فيسڪو ۽ ميپڪو 100 ارب جو نقصان ڪندو آهن. پيسڪو، حيسڪو، ڪيسڪو، سيپڪو، ٽيسڪو ۾ 489 ارب جي بجلي چوري ٿئي ٿي. قبائلي ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي چوري جا نقصان وڌيڪ آهن. بجلي چوري سبب بل وڌي رهيا آهن. مردان جي صرف هڪ علائقي مان هڪ ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي. محمد علي چيو ته هاڻ چوري وارن علائقن ۾ مڪمل ڪريڪ ڊائون ٿيندو، ڪارروايون ڪيون وينديون، جن علائقن ۾ 50 کان 60 سيڪڙو چوري آهي ان کي پرائيويٽ سيڪٽر کي شامل ڪيو ويندو. جتي چوري جي شرح 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي اتي انفورسمنٽ جي ذريعي ڪم ڪيو ويندو جيڪي آفيسرز چوري ۾ ملوث آهن انهن جي ايجنسيز جي مدد سان لسٽ بڻجي چڪي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن جي منظوري ملڻ کان پوءِ ٻڌايو ويندو. ان موقعي تي پيٽروليم بابت سيڪريٽري چيو ته بجلي جي بلز ۾ جي ايس ٽي کان علاوه ٻيا به ٽيڪسز شامل آهن.