اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪور نيب ترميم جي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. اهڙي فيصلي جا ملڪي سياست تي وڏا اثر پوندا ڇو ته (ن) ليگ ۽ پ پ جي قيادت اهڙي ترميم مان فائدو حاصل ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب سمورين وڏين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي ٿيو. ان کان علاوه فائدو کڻندڙن ۾ نوازشريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان، مريم نواز، فريال ٽالپر، اسحاق ڊار، خواجه آصف، سعد رفيق، راڻا ثناءُالله، جاويد لطيف، خسرو بختيار، عامر محمود ڪياني، اڪرم دراني، سليم مانڊوي والا، نور عالم خان، نواب اسلم رئيساڻي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، نواب ثناءُالله زهري، برجيس طاهر، نواب علي وساڻ، شرجيل انعام ميمڻ، انوارالحق ڪاڪڙ، لياقت جتوئي، امير مقام، گهرام بگٽي، جعفر خان مندوخيل، گورنر جي بي سيد مهدي شاهه شامل آهن. نيب شهباز شريف جي ڪيسز جا تفصيل ڏيندي سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته 1400 ڪنال سرڪاري ايراضي جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس به تازي ترميم سان متاثر ٿيندو ڇو ته ان معاملي ۾ ملوث رقم 500 ملين روپين کان گهٽ آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت علي يوسفزئي جي خلاف بطور وزيراطلاعات خيبرپختونخواهه اختيارين جي مبينه غلط استعمال جي انڪوائري به متاثر ٿيندي ڇو ته هن اسڪينڊل ۾ ملوث رقم 500 ملين روپين کان گهٽ آهي. نوازشريف ۽ مريم نواز سميت شريف خاندان جي ملڪيت چوڌري شوگرملز خلاف انڪوائري رانا ثناءُالله جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن، بي ناميدارن جي نالي تي 95 ملين روپين جي غيرقانوني اثاثن ۽ 100 ملين روين جي غيرقانوني منافعي جي انڪوائري به متاثر ٿيندي. نوازشريف جي خلاف ٽوٽل 6 ڪيس متاثر ٿيندا. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل آف پاڪستان جي چيئرمين سيد عادل گيلاني جي خلاف به انڪوائري متاثر ٿيندي. سياسي تجزيو ڪندڙن جو خيال آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ نيب ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو ته سياسي اڳواڻن جي خلاف ڪيس ٻيهر شروع ٿي ويندا دلچسپ ڳالهه اها هوندي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال پارليامينٽ جي قانونسازي جي اهليت جي توثيق ڪندو يا انهن طاقتور حلقن کي مضبوط ڪندو جنهن مشرف دور کان وٺي هميشه نيب کي سياسي انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو.