نوشهره (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليمينٽرين جي چيئرمين پرويز خٽڪ دعوى ڪئي آهي ته ايندڙ چونڊن تائين تحريڪ انصاف جو خيبرپختونخواهه مان مڪمل طور صفايو ٿي ويندو. پنهنجي جاري بيان ۾ پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چوندو هو ته ڪنهن جي وڃڻ سان کيس ڪوبه فرق نٿو پوي پر هاڻي کيس خبر پئجي وئي هوندي ته فرق ضرور پوندو آهي. هن چيو ته جن ماڻهن جي ڪري چيئرمين پي ٽي آءِ حڪومت ٺاهي اڄ اهي تحريڪ انصاف پارليمينٽرين ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۾ انقلاب ذريعي بادشاهت قائم ڪرڻ چاهي پيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here