راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير ازبڪستان سان تربيتي سهڪار ۽ انٽيليجنس مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جمهوريه ازبڪستان جي دوري تي آهي. دوري دوران آرمي چيف ازبڪ صدر شوڪت مرزا يوئيف، بچاءَ واري وزير ۽ چيئرمين اينڊ سيڪريٽري اسٽيٽ سڪيورٽي سروسز ازبڪستان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آرمي چيف گڏيل تربيتي سهڪار ۽ انٽيليجنس مٽاسٽا وڌائڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف ازبڪستان جي فوجي جي تربيت جي معيار ۽ علائقائي سلامتي لاءِ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ازبڪ بچاءَ واري وزارت اچڻ تي آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل عاصم منير تاشقند ۾ شهيدن جي يادگار تي گلن پڻ رکيا.