ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) ڪراچي ۾ هندو برادري جي ڌرڻي ۾ مظاهرين سان ڳالهين دوران سنڌ جي نگران گھرو وزير 12 ڪلاڪن اندر ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هندو برادري جي جي سمورن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو.  ڪراچي جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ اقليتي مارچ جي منتظيمن طرفان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ هندو برادري جي مبينا اغوا ڪاري خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪري ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ جام ٿي وئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. نگران صوبائي گھرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، اڳوڻي ايم اين اي ڪشمور شبير بجاراڻي ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهين جي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو.  نگران گهرو وزير حارث نواز مظاهرين کي ٻن مغوين جي بازياني جي اطلاع ڏيندي وڌيڪ مغوين کي 12 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.  هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ اغوا ڪارن کي ڀنگ جي رقم ڏني آهي انهن کي حڪومت طرفان رقم ادا ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here