اسلام آباد ( م ڊ) بچاءَ واري اڳوڻي وزير ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه شهرن ۽ ڪجهه مارڪيٽن ۾ 85 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، جنهن جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ ريٽ وڌايو ويندو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بجلي جي بلن ۾ 24 سيڪڙو ٽيڪس لڳي اچي رهيو آهي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميوار هوندي آهي پر هو هاڻي بجلي جي بلن ۾ ورتو پيو وڃي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته الله تعالى جي ڏنل روشني ڪير به استعمال نٿو ڪري، ڏينهن جو ٻارهين وڳي کانپوءِ مارڪيٽون کـُلنديون آهن، دڪانن ۾ 5-5 سئو واٽ جا بلب لڳل هوندا آهن. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسيمبلي ميمبرن يا وزيرن کي بجلي مفت ۾ناهي ملندي، عدليه ۽ بيورو ڪريسي مفت بجلي استعمال ڪندي آهي.