ڪراچي (م ڊ) پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کي خط لکي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ منجمند ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ جي سينٽرل اليڪشن سيل جي انچارج سينيٽر تاج حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي. خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته برساتي ٻوڏ دوران متاثر ماڻهن جي گهرن جي اڏاوت سميت سنڌ ۾ هلندڙ عوامي ڀلائي جي ترقياتي اسڪيمن جي فنڊن کي منجمند ڪيو ويو آهي. خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بدترين لوڊشيڊنگ ۽ مهانگن بلن کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ سولر پينلز جي فراهمي جي اسڪيم جا فنڊ روڪڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. تاج حيدر چيو ته چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته نگران حڪومت هلندڙ ترقياتي ڪمن کي منجمند نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته برسات متاثرن لاءِ ٻيهر تعمير ڪيل گهرن ۾ متاثرن کي آباد ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي جيڪو الميو آهي