سيوهڻ (رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ دشمن پارٽي اسٽي آرڊر وٺي نوجوانن کي بي روزگار ڪيو، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻئي ڏينهن به سيوهڻ جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا.سيد مراد علي شاھ ڀان سيد آباد، يوسي بوبڪ، ٻڀڻ، يونين ڪائونسل آراضي، باجارا، جھانگارا  دورا ڪيا، جڏهن ته ڳوٺاڻن طرفان سندس گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پ پ حڪومت سنڌ جي بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو، جڏهن ته سنڌ دشمن پارٽي اسٽي آرڊر وٺي نوجوانن کي بي روزگار ڪيو. هن چيو ته سڀ پارٽيون متفق آهن ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿئي، ايندڙ اليڪشن پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ هو ته هن تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، ان ڪري عوام کيس موٽ ڏئي رهيو آهي.اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اڳوڻو ايم اين اي سردار سڪندر علي راھوپوٽو، محمد سليم باجاري، امان الله شاھاڻي، رفيق احمد ڏاھري ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ هئا .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here