لاهور (م ڊ) ڪرڪيٽ بورڊ جي دعوت تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر راجر بيني ۽نائب صدر راجيو شڪلا اڄ پاڪستان پهچندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر ۽ نائب صدر اڄ واهگه بارڊر رستي منجهند ٻه وڳي لاهور پهچندا، ٻئي عهديدار 5 سيپٽمبر جي شيڊيول افغانستان ۽ سريلنڪا ميچ ڏسندا.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر راجر بيني ۽ نائب صدر راجيو شڪلا پنهنجي ٻه روزه دوري دوران چيئرمين پي سي بي مينيجمينٽ ذڪا اشرف سان به ملاقات ڪندا. ان کان علاوه ايشيا ڪپ ۾ شريڪ ٽيمن جي اعزاز ۾ گورنر هائوس ۾ خاص تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ بي سي سي آءِ جا عهديدار به شرڪت ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here