ٺٽو (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته اسان صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائينداسين اسان جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪوبه سياسي دٻاءُ نه آهي. ٺٽي ۾ مڪلي باءِ پاس تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو ته راڻيپور واقعي بعد درگاهن جو سرچ آپريشن ڪيو ويندو. اندرون سنڌ ۾ وڏين ڪارروايون جون تياريون ڪري رهيا آهن. اڄ يا سڀاڻي نوان آفيسر اچي ويندا جنهن کان پوءِ آپريشن ٿيندو. اسان باڪردار سٺن ماڻهن کي مقرر ڪري رهيا آهيون جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ امن ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي لهر کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ايس ايس پيز جون سوچي سمجهي بدليون ڪري رهيا آهيون. ايماندار آفيسرن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿئي پئي ڪنهن به منشيات فروش ۽ ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو. نگران گهرو وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ٽارگيٽيڊ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. آپريشن ۾ رينجرز به شامل هوندي. حارث نواز چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي اسان کي خبر آهي ته اهي ڪٿي لڪل آهن، تبديلين کان پوءِ اوهان کي ايڪشن نظر ايندو. عام چونڊون وقت تي ٿينديون ڪهن به سياسي انتقامي ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين.گهرو وزير چيو ته راڻيپور واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. ٻارن کي ڪم لاءِ جيڪي گهرن ۾ ڇڏي ڏيندا آهن انهن کي واپس ڪرائينداسين. نگران گهرو وزير چيو ته گهوٽڪي، ڪشمور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ ۾ آپريشن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. ڪچي ۽ پڪي ۾ هڪ ئي وقت آپريشن ٿيندو. اسان ڪنهن جي خلاف سياسي انتقامي ڪارروايون نه پيا ڪريون. جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف نيب يا ٻيا ڪيس آهن ته انهن جي خلاف به ڪارروايون ٿي رهيون آهن. اسان کي ووٽ نه گهرجن اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here