پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي خيبر ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ جي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته علي مسجد ٿاڻي جي حد شاهه گـَئيِِ واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن جا لاش جمرود اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگردن مان ٻن جو تعقل باڙا سان آهي جڏهن ته هڪ جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگھي آهي.