راولپنڊي (م ڊ) ميران شاهه ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر عامر عزيز کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ميجر عامر شهيد جي جنازي نماز مقامي قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شهيد جي مٽن مائٽن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد شهيد کي سندس اباڻي ڳوٺ چڪ 61 ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ميران شاهه ۾ ميجر عزيز ۽ هڪ سپاهي محمد عارف دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻي هئي.