سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي انتظاميه شهيد پروفيسر اجمل ساوند ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي ٻارن کي مفت تعليم ۽ اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر آصف احمد شيخ طرفان پروفيسر شهيد پروفيسر اجمل ساوند ۽ سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي ٻارن جي لاءِ فري اسڪالر شپ جو اعلان ڪيو ويو. آءِ بي اي جي وائيس چانسلر آصف احمد شيخ جو چوڻ آهي ته پروفيسر شھيد اجمل ساوند ۽ سينئر صحافي شھيد جان محمد مهر قوم کي بيدار ڪرڻ جي علامت هئا، کين قبائلي جهيڙن جي آڙ ۾ قتل ڪيو ويو. هن چيو ته آءِ بي اي سکر پاران ٻنهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آھي.پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ چيو ته آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ علم ۽ شعور لاءِ خدمت جو مشن جاري رهندو…