ڪولمبو (م ڊ) ايشيا ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 267 رنسن جو هدف ڏنو، جڏهن ته برسات سبب پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪئي وئي. پاليڪيلي ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڀارتي ٽيم 48 ڏهائي 5 اوورن ۾ 266 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان هارديڪ پانڊيا 87 ۽ ايشان ڪشن 82 رنسن جي اننگز کيڏي، ڪپتان روهت شرما 11، شبمن گل 10، ويرات ڪوهلي 4، رويندرا جديجا ۽ شرياس ائير 14-14 رنس ٺاهيون. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف 3-3 وڪيٽون ورتيون. ڀارت جي اننگز ختم ٿيڻ کانپوءِ برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي اننگز شروع نه ٿي سگهي ۽ ميچ ختم ڪندي ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here