اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايمان مزاري کي ڪنهن به ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ٽئين ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ جي صورت ۾ ايمان مزاري جي ٻيهر گرفتاري جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ايمان مزاري جي والده شيرين مزاري جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري، پوليس ۽ ايف آءِ اي ڪنهن به صوبي جي گرفتاري ۾ مدد نه ڪندي. عدالت چيو آهي ته ايس ايس پي آپريشن موجب اسلام آباد ۾ ايمان مزاري جي خلاف 3 ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس موجب ايمان مزاري اسلام آباد جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي. پٽيشنر جي والده چيو ته ٽئين ڪيس ۾ ضمانت جي صورت ۾ ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري ايمان مزاري خلاف ڪيسز بابت سومر تائين صوبن کان تفصيل گهري آگاهه ڪري. گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، ايف آءِ اي يقيني بنائين ته ايمان مزاري کي اسلام آباد  جي حدن کان ٻاهر نه اماڻيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here