لنڊن (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪا معاشي تباهي ٿي آهي اها هڪ سال ۾ بهتر نٿي ٿي سگهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسحاق ڊار چيو ته(ن) ليگ پنهنجي حڪومت واري دور ۾ بيروني ادائيگيون وقت تي ڪيون. 2013 ۾ پاڪستاني معيشت جو خراب حال هو. بجلي نه هئي، دهشتگردي هئي، پر نوازشريف جي اڳواڻي ۾ اسان پاڪستان کي دنيا جي 24هين معيشت بنائي ڇڏيو. اسحاق ڊار چيو ته(ن) ليگ جي حڪومت لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو. اسان اڳ به ڪري ڏيکاريو هو هاڻ به جيڪڏهن رب پاڪ موقعو ڏنو ته ملڪ کي ڏکئي صورتحال مان ٻاهر ڪڍنداسين. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ جو خطرو هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي. نگران حڪومت سمورين پاليسين کي اڳيان کڻي هلي ته ملڪ ۾ بهتري ايندي.