ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ واشڪ جي علائقي بسيما ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پنج مبنيا حملي آور مارجي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 حملي آور مارويا ويا جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب، حملي آورن جي استعمال هيٺ گهر مان وڌي مقدار ۾ هٿيار ۽ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. واضع رهي ته گذريل ڏينهن به لکي مروت ۾ سي ٽي ڊي ٽي ٻن دهشتگردن کي مارڻ جي دعوى ڪئي هئي، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پئي ويو……..