اسلام آباد (م ڊ) لاهور مان گرفتار ٿيل پنجاب جو اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي اسلام آباد پوليس ڪينال روڊ تان گرفتار ڪيو. پرويز الاهي لاهور هائيڪورٽ کان پوليس نفري ۾ گهر روانو ٿيو هو پر ظهور الاهي هائوس ويجهو اسلام آباد پوليس سندس گاڏي کي روڪيو ۽ ٽنگو ٽالي ڪري پنهنجي گاڏيءَ ۾ وڌو. اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي پرويز الاهي کي ٿري ام پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور مان گرفتار پرويز الاهي کي سخت سڪيورٽي ۾ اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آحي ته پرويز الاهي کي ٿري ايم پي او تحت 15 ڏينهن لاءِ اٽڪ جيل ۾ نظربند ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here