راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج ميجر عامر عزيز ۽ سپاهي  محمد عارف شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ميرانشاهه ۾ دهشتگردن جي ڳجهي اطلاع جي موجودگي تي آپريشن ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ميجر عامر عزيز دهشتگردن خلاف آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو ۽ هن دهشتگرد ٽولي کي کي روڪيو ته فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر عامر عزيز ۽ سپاهي محمد عارف شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر موجب، 29 سالن جو شهيد ميجر عامر سرگوڌا جو رهواسي هو جڏهن ته سپاهي محمد عارف جو تعلق ساهيوال سان هو. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ موجود امڪاني دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جوانن جون اهڙيون قربانيون اسانجي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here