ڪولمبو (م ڊ) پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز وائٽ واش ڪري ڇڏي، ان ڪاميابيءَ سان پاڪستان آءِ سي سي وي ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي ويو آهي. ڪولمبو ۾ کيڏيل ٽن ميچ تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾ اٺن وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان محمد رضوان 67، بابر اعظم 60، آغا سلمان 38 ۽ محمد نواز 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. افغان ٽيم طرفان فريد احمد ۽ گلبدين نائب 2-2، فاروقي، مجيب الرحمان ۽ راشد خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان مليل 269 رنسن جي جواب ۾ افغان ٽيم 48 ڏهائي 4 اوورن ۾ 209 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ائين پاڪستان 59 رنسن تان ميچ پنهنجي نالي ڪئي. افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پنجن ڇڪن ۽ پنجن چوڪن مدد سان 37 بالن تي 64 رنسن جي تيز رفتار اننگز کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ رياض حسن 34، شاهد الله 37 رنسون ٺاهي ناميان رهيا. پاڪستان طرفان شاداب خان 3، فهيم اشرف، شاهين شاهه ۽ محمد نواز 2-2، جڏهن ته آغا سلمان هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 67 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي محمد رضوان کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، جڏهن امام الحق کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. افغانستان خلاف ون ڊي سيريز وائٽ واش ڪرڻ سان پاڪستاني ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي پهريون نمبر ٽيم بڻجي وئي آهي.