گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پوليس خانپور مهر واسي مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب، ڪچي واري علائقي دم دمو مان ڌاڙيلن سان مقابلي بعد مغوي ڪريم بخش پٽ لقمان فقير مهر کي بازياب ڪرايو. پوليس جو چوڻ هو ته ڌاڙيل مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا، ڳجهي اطلاع تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو. پوليس موجب مقابلي بعد ڌاڙيل مغوي ڪريم بخش مهر کي ڇڏي ڀڄي ويا، جڏهن ته ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. گهوٽڪي پوليس موجب، مغوي ڪريم بخش مهر کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، ڌاڙيلن کيس ٻه مهينا اڳ مهيسرو مان اغوا ڪيو هو.