اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو آهي ته تڪبندين کي بنياد بڻائي اليڪشن ۾ دير جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته احسن اقبال هڪ سينيئر سياستدان آهي، هو ٻڌائي ته آئين ۾ تڪبندين جو ڪٿي ذڪر آهي؟ فيصل ڪريم ڪنڊيءَ بجلي جي بلن ۾ اضافي ۽ مهانگائي تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اتحادي حڪومت جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هجي ها ته هـُُو شهباز شريف کان مختلف ۽ عوام دوست فيصلا ڪري ها. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ دير سان آئيني سان آئيني بحران جنم وٺندو، سندن موقف واضع آهي ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ئي ٿيڻ گهرجن