ڪنب (رپورٽر) خيرپور پوليس ٻه مهينا اڳ اغوا ٿي ويل بوزدار وڏا واسي نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مهدي رضا ملاح کي ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو. پوليس موجب، مغويءَ کي خيرپور پوليس جي اسپيشل ٽيم ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو آهي. پوليس موجب، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اغوا ڪارن جي سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو جن جي نشاندهي تي کيس بازياب ڪرايو. واضع رهي ته بوزدار وڏا جو رهواسي مھدي رضا ملاح ٻه مھينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي سکر مان اغوا ٿي ويو هو.