ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ ڀرسان سيد برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. نئون ڳوٺ سعدي موساڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم شاهه آڳرا ۾ سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب حاڪم شاهه قتل ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال کڻائي ويئي. پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو پراڻي تڪرار تان ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here