راڻيپور: (رپورٽ: وحيد شاهاڻي)  راڻيپور جي عدالت 10 ورهين جي معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار اسد شاهه جو 3 ڏينهن جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدار اسد شاهه جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ فاطمه جي والده ۽ ڪيس جي مدعي شبنم به پيش ٿي. عدالت پوليس جي استدعا تي جوابدار اسد شاهه جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدار اسد شاهه کي منهن تي ڪپڙو ويڙهي راڻيپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس اسد شاهه جي گهر واري حنا شاهه کي گذريل ڏينهن روپوش قرار ڏنو هو. جڏهن ته حنا شاهه جو پيءُ فياض شاهه ۽ سندس پٽ به روپوش آهن. هوڏانهن راڻيپور ۾ پير جي اوطاق تي ڪٺ دوران صحافين ۽ پوليس کي ڌمڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار نوجوان اڪبر ڪلهوڙو کي به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت جوابدار اڪبر کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اڪبر ڪلهوڙو گارگند ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي صحافين کان معافي پڻ وٺي ڇڏي آهي. ياد رهي ته راڻيپور ۾ بااثر پير جي گهر مبينه زيادتي ۽ تشدد سبب فوت ٿيل 10 ورهين جي نينگري فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي کان پوءِ پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ مُک جوابدار اسد شاهه جي نشاندهي تي فاطمه جو علاج ڪندڙ ڊسپينسر کي به گرفتار ڪيو ويو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here