اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عوام جي سخت رد عمل کان پوءِ بجلي جي ڳرن بلن واري معاملي تي سڀاڻي وزيراعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته بجلي جي ڳرن بلن واري معاملي تي سڀاڻي وزيراعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ بجلي واري وزارت ۽ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کان بريفنگ ورتي ويندي. اجلاس ۾ صافين کي بجلي جي بلن جي حوالي سان وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ مشاورت ڪئي ويندي. ياد رهي ته بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن. مختلف شهرن ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي عملي تي تشدد جا واقعا به سامهون آيا آهن. واپارين سميت عوام حڪومت کان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. واپارين بجلي جا ڳرا بلز ۽ ٽيڪسن جي خلاف شٽرڊائون هڙتال جو پڻ اعلان ڪيو آهي.